حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس 7 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل ٽن جوابدار مان هڪ جوابدار جي گرفتاري اڃا تائين ظاهر نه ڪئي آهي. سندس وارثن پوليس تي مبينا طور 5 لک رپيا رشوت طلب ڪرڻ جو الزام هڻندي احتجاج ڪيو. پريس ڪلب سامهون احتجاج دوران پيرسن عبدالڪريم کوسو ٻڌايو ته 7 ۽ 8 آگسٽ جي وچ واري رات پوليس سندس پٽ غلام رباني کي گرفتار ڪري گم ڪيو. 8 آگسٽ تي ايس پي سٽي علينه راڄپر ۽ ايس ايچ او ڀٽائي نگر حق نواز لولاڻي پوليس هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي ته سندس پٽ غلام رباني کي ٻن ساٿين صابر ابڙو ۽ دلشير جتوئي سميت گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان 10 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن. پيرسن موجب 9 آگسٽ تي پوليس ٻن جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيو پر سندس پٽ غلام رباني کي لاڳيتو ظاهر نه ڪيو ويو آهي. پيرسن اهو به الزام هنيو ته پوليس سندس پٽ کي مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندي کانئس 5 لک رپيا رشوت طلب ڪئي آهي ان ڪري کيس خدشو آهي ته پوليس ڪٿي سندس پٽ کي ڪو نقصان نه پهچائي.