ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ ميرپورخاص پاران اخبارن جي بل جا پئسا ڏيڻ خلاف ھاڪر يونين جي سڏ تي ھاڪرن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ايوب مھر ۽ ٻين چيو ته تعليمي بورڊ ڏانهن اخبارن جي بل جي مد ۾ 44 ھزار رپيا رھيل آھن، جيڪي بورڊ انتظاميا گذريل ٻن سالن کان نه پئي ڏئي، هنن چيو ته اھڙي شڪايت تعليمي بورڊ جي چيئرمين کي ڪئي آهي پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو. هنن مطالبو ڪيو ته اخبارن جو بل ادا ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.