ڳڙهي خيرو (ن پ ا) ڳڙهي خيرو ڀرسان بيگاري ڪينال مان نڪرندڙ لنڊ مائينر کي ڳوٺ داد ڪريم بروھي وٽان 25 فوٽ گھارو، گھاري سبب ساريالو فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو، اطلاع باوجود ڪوبه آبپاشي عملدار گھاري واري ھنڌ نه پھتو، ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت گھارو ٻڌي ورتو. ان موقعي تي آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته آبپاشي عملدار ھٿ وٺي ڳڙهي خيرو سان ظلم ڪري رھيا آھن، پھريان پاڻي بند ڪيو ويو ھاڻي گنجائش کان وڌيڪ پاڻي ڇڏي ھٿرادو گھارا ھڻائي رھيا آھن، اطلاع باوجود ڪو به سرڪاري عملدار نه پھتو آهي ڳوٺاڻن چندو ڪري لڪڙا ۽ پٿر خريد ڪري پنھنجي مدد پاڻ تحت گھارو بند ڪيو آھي. هنن ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد ۽ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته نااھل آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.