نبي سرروڊ (ن پ ا) سب ڊويزن ڪنري ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، جنهن ڪري ٽيل جي مختلف شاخن سانوري شاخ، ڪنري شاخ، راهمور ۽ نبي سر مائنر جي پڇڙي ۾ سوڪهڙي سبب فصل سڪڻ لڳا آهن، ان سلسلي ۾ پڇڙي جي آبادگارن جو چوڻ آهي ته پاڻي جي کوٽ آبپاشي کاتي جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب ٿي آهي، هنن چيو ته اسان کي نبي سر هيڊ تي 6.8 ڊيسيمل پاڻي ملي ٿو، جيڪو 21 ميل تائين چوري ۽ آبپاشي عملي جي ڪرپشن جي ور چڙهي وڃڻ بعد 4.7 تائين گيج تي پهتو آهي، هنن ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ۽ ايڪسيئين مٺڙائو کان مطالبو ڪيو ته 21 ميل جو گيج پورو ڪري ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويندو.