حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت موٽرسائيڪل چوري واري ڪيس مان ننڍي عمر جي ٽن جوابدار نينگرن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو آهي. سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 2 جي عدالت ۾ ننڍي عمر جي جوابدارن عامر چانڊيو، سجاد گل ۽ عبدالرحمان پنهنجي وڪيل حاتم علي سومرو معرفت ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس پاران داخل ڪيس خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ٽنهي جوابدارن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو آهي. بري ٿيل جوابدارن ۾ جوابدار عبدالرحمان لاڳيتو جيل ۾ قيد هو جڏهن ته ٻن جوابدارن لاڳاپيل عدالت مان پنهنجي ضمانت ڪرائي ڇڏي هئي. ڀٽائي نگر پوليس جوابدارن خلاف هلندڙ سال ڪاظم رضا نالي شخص جي فرياد تي موٽرسائيڪل چوري جو ڪيس داخل ڪيو هو.