ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) حويليان واري علائقي ۾ اي ٽي آر جھاز حادثي جي جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بابت داخل ڪيل درخواست ۾ پي آءِ اي جي اڳوڻي ڊپٽي چيف انجنيئر کي ڌر بڻائڻ تي پي آءِ اي جي اعتراضن تي جواب طلب ڪري ورتو آھي. ڪالهه ٻڌڻي دوران پي آءِ اي اختيارين اڳوڻي ڊپٽي چيف انجنيئر کي ڌر بڻائڻ واري درخواست تي اعتراض ڪندي چيو ته اڳوڻو چيف انجنيئر ڪيس ۾ ڌر ٿي نٿو سگھي، کيس جاچ رپورٽ جي طريقيڪار بابت ڄاڻ ئي ناھي، جنھن تي عدالت پي آءِ اي جي اڳوڻي ڊپٽي چيف انجنيئر کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آھي. پي آءِ اي جي اڳوڻي ڊپٽي چيف انجنيئر خالد ممتاز پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ھو ته حادثي جو شڪار ٿيل جھاز 2013ع کان خراب ھو، جنھن بابت وقت سر آگاھي پڻ ڏني وئي ھئي، اهڙو رڪارڊ پڻ موجود آھي، جنھن ڪري سمورا اي ٽي آر جھاز گرائونڊ ڪيا وڃن، جڏهن ته ڄاڻايل حادثي جي جاچ ۾ کيس ڌر بڻايو وڃي. ياد رھي ته 7 ڊسمبر 2016ع تي اي ٽي آر جھاز حادثي جي نتيجي ۾ جنيد جمشيد سميت 47 ماڻھو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا.