شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور پوليس عدالتي حڪم تي ڳوٺ بالو خان ڀنڀرو ۾ زميندار جي زرعي زمين تي ڇاپو هڻي مبينا باندي بڻايل عورتن سوڌو 10 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو، هارين ۾ راشد، حليمه، راجا سپنا، خاتون ۽ ٻيا شامل آهن جن کي ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت سڳوري بيان بعد کين مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيندي کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان حوالي سان ڳوٺ معروف ڏاهري واسي پريو ڀيل عدالت ۾ درخواست ڏني ته زميندار سونو ڀنڀرو ان جو پٽ اعظم ڀنڀرو سندس خاندان جي گهر ڀاتين کي اڃ ۽ بک تي رکي جبري پورهيو وٺي ظلم ڪري رهيو آهي ڀاتين کي زميندار جي قيد مان آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.