حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کي جوڙي جي تحفظ جو حڪم ڏيندي ٽن هفتن بعد رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. دوڙ تعلقي جي ڳوٺ حاجي لونگ لنڊ جي رهواسڻ مسمات پري عرف پوپري ڌيءُ قادر داد لنڊ پنهنجي مڙس ارشاد علي پٽ روشن علي لنڊ پنهنجي وڪيل منگل ميگهواڙ معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي جنهن ۾ هنن ايس ايس پي شهيد بينظير آباد، ايس ايچ او سٺ ميل، ايس ايچ او بڇيري کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته انهن ٻه ڏينهن اڳ 24 مئي تي گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪيو آهي جنهن بعد ناري جا وارث کين ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪرڻ لاءِ ڳولا پيا ڪن. لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس وٽ دانهيو آهي پر پوليس ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کي حڪم ڏنو ته جوڙي جي تحفظ کي يقيني بڻائي ٽن هفتن اندر رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي.