حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مبينا حملي ۾ ڊانس پرفارمنس ڪندڙ 3 فنڪار زخمي ٿي پيا آهن جن مخالف ڌر تي حملي جو الزام هڻندي سندن گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي. فنڪارن ذيشان، شعيب عرف گڊو ۽ شفيق جو چوڻ آهي ته سندن مخالف ڊانس فنڪارن شائسته ۽ ٻين پنهنجي هٿياربند ساٿين جي مدد سان مٿن قاتلاڻو حملو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي جنهن ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. واقعي بابت ڦليلي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي پر پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آهي. هنن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي حملو ڪندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.