ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ تڪرار ڪردارن مان شهرت حاصل ڪندڙ اداڪارا سني ليون چيو آهي ته مونکي ڪپڙن ۽ بيوٽي جي ڪيترن ئي ناليوارن برانڊز طرفان قابل نه سمجهندي رد ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب پنهنجي هڪ انٽرويو دوران سني ليون ٻڌايو ته مونکي ڪيترائي برانڊز ان قابل نٿا سمجهن ته مان هنن لاءِ ڪم ڪري سگهان جنهن سان مونکي ڏک به ٿيو پر مان به هنن تي غور نه ڪيو، ڪيترائي ڀيرا اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن چيو ته ڀارت جو ڪو اهڙو برانڊ ناهي جنهن مونکي اشتهارن لاءِ ڪاسٽ ڪيو هجي، اهو ڏسي مان ڪپڙن ۽ بيوٽي جو پنهنجو برانڊ متعارف ڪرايو ۽ چاهيان ٿي ته دنيا ۾ ان جي تشهير ٿئي. هن چيو ته يقينن ڪو ڪنهن کي رد ڪري ته مايوسي ٿيندي آهي پر اهو به ياد رکڻ گهرجي ته هر اڄ کانپوءِ سڀاڻو به ايندو آهي سو اسان کي مستقبل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.