واشنگٽن (انٽرسٽنگ نيوز)امريڪي عورت اعليٰ تعليم جو خواب 82 سالن جي عمر ۾ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪري پورو ڪري ورتو. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي رياست ميري لينڊ سان تعلق رکندڙ پيرسن عورت مائي بالي جو بزنس مينجمينٽ جي شعبي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو خواب سالن کانپوءِ پورو ٿي ويو. پيرسن عورت سند يافتا نرس آهي جنهن 82 سالن جي عمر ۾ بيچلرز جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ته جيئن بزنس مينجمينٽ جي تعليم جي مدد سان پنهنجي ايونٽ پلاننگ جي ڪاروبار کي وڌيڪ فائديمند بڻائي سگهي. بالي ڪجهه سال اڳ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي ۾ داخل ورتي ۽ هاڻي 82 هين سالگره ڏينهن پنهنجي بيچلرز جي ڊگري حاصل ڪري ثابت ڪري ڇڏيو ته تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪابه حد ناهي هوندي.