لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني ڳائڻي ابرارالحق ڀارتي هدايتڪار ڪرن جوهر کي خبردار ڪيو آهي ته هو منهنجي گيت کي بنا اجازت استعمال ڪرڻ تي سندس خلاف عدالت سان رابطو ڪندو. ياد رهي ته ڌرما پراڊڪشنز جي بينر تحت ٺهندڙ فلم ”جگ جگ جيو“ کي اڄ رليز ڪيو ويندو ۽ فلم ۾ ابرارالحق جو گيت ”نچ پنجابن“ استعمال ڪيو ويو آهي. ابرار ٽوئيٽ ۾ چيو ته مان گيت “نچ پنجابن” ڪنهن ڀارتي فلم کي ناهي وڪڻيو ۽ مان عدالت وڃي ڏنڊ اوڳاڙڻ جو حق رکان ٿو. هن ڪرن جوهر لاءِ لکيو ته ڪرن جوهر جهڙن هدايتڪارن کي ڪاپي ڪيل گانا استعمال نه ڪرڻ گهرجن، هي منهنجي ڇهين گاني جي ڪاپي ڪئي وئي آهي، جنهن جي اجازت نه ڏني ويندي. فلم جگ جگ جيو جي مک ڪردارن ۾ انيل ڪپور، نيتو سنگهه، ورون ڌون ۽ ڪيارا آڏواڻي شامل آهن.