حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لياقت يونيورسٽي (لمس) ۾ قائم گرلز هاسٽل سيڪشن جي معذور عورت ملازم پاران ڪوارٽر جي الاٽمينٽ رد ڪرڻ خلاف هاءِ ڪورٽ ٻاهران احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي تهمينا لاشاري الزام هنيو ته گرلز هاسٽل جي انچارج مسرت ابڙو جي چرچ تي ڪجهه ڏينهن اڳ جاويد نوحاڻي ۽ ٻين سندس گهر تي حملو ڪيو هو. پوليس وٽ دانهيو پر داد رسي بدران پٽ کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته حملي ۽ گهر تي پوليس چڙهائي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪرڻ تي انچارج مسرت ابڙو مڇرجي سندس ڪوارٽر جي الاٽمينٽ رد ڪري ڇڏي آهي جنهن خلاف هن سيشن جج وٽ به دانهيو آهي ۽ هاڻي هن هاءِ ڪورٽ سان به رجوع ڪري ورتو آهي. عورت ملازم تهمينا لاشاري اهو به الزام هنيو ته بااثر اعجاز نوحاڻي، ماجد نوحاڻي ۽ ٻين پٽ وسيم کي مبينا طور دڪان الاٽ ڪرائي ڏيڻ بهاني 55 هزار رپيا رقم ورتي هئي. 4 مهينا گذرڻ باوجود دڪان الاٽ ناهي ٿيو ۽ رقم گهرڻ تي حملو ڪري مٿس گهر تي فائرنگ ڪئي وئي. انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٽنڊو ڄام جي ڳوٺ سوڀو مگسي جي رهواسين نوجوان فرمان علي مگسي، پنھجي والد عبدالغفور مگسي ۽ سئوٽ نياز علي مگسي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته مهينو اڳ نصرپور جي ديهه ڀاڻوڪي ۾ مٿس حملو ڪيو ويو جنهن دوران عمران عرف ميوو مگسي مارجي ويو هو جڏهن ته فرمان علي سخت زخمي ٿيو هو. مٿن سڪندر کوسو ۽ فيضو مگسي پسٽل جا فائر ڪري حملو ڪيو هو. شاهپور ٿاڻي تي جي پوليس حملو ڪندن کي گرفتار ڪرڻ بدران سندن مددگار الطاف کوسي ۽ ايوب مگسي کي ڦاسائڻ جي ڪوشش پئي ڪري. مٽياري جي زميندار پاران پورهئي جون رهتون نه ڏيڻ ۽ ڌمڪيون ملڻ خلاف هارين مولچند ڀيل ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن الزام هنيو ته مٽياري سان تعلق رکندڙ بااثر زميندار سندن جي برادري جا 15 ماڻهن کي زمين تي هارپي لاءِ رکيو هو. هڪ سال زمين تي ڪمائڻ باوجود کين حساب ڪتاب ناهي ڏنو ۽ هاڻي فصلن مان ملندڙ آمدني جو اڌ گهرڻ تي بااثر زميندار مٿن مڇرجي پيو آهي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پيو ڏي.