گاجي کهاوڙ (ن پ ا) ڳوٺ نوريز چانڊيو مان شادي شده عورت افسانه چانڊيو مبينا طور اغوا ٿي وئي. بهادر چانڊيو ۽ نوابزادي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڌيءُ افسانه چانڊيو کي مڙس الزام ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو هو، جيڪا اسانجي گهر ۾ رهندي هئي.هنن الزام لڳايو ته ڌيءُ افسانه چانڊيو کي پنهنجو مڙس منير چانڊيو، محمد عالم چانڊيو، قدير چانڊيو، ڪاشف چانڊيو قتل ارادي سان اغوا ڪري ويا آهن. جوابدار ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن، نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف 3 ڄڻن تي گاجي کهاوڙ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي.پوليس موجب افسانا چانڊيو پنهنجي مڙس سان گهران نڪري وئي آھي، عورت جي مڙس تي اغوا جو الزام لڳايو پيو وڃي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.