حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. شهر جي قاسم آباد، لطيف آباد، سٽي ۽ ٻهراڙي وارن تعلقن ۾ 200 کان وڌيڪ عيد نماز جا ننڍا وڏا اجتماع ٿيا. عيد نماز جو وڏو اجتماع عيد گاهه راڻي باغ ۾ ٿيو جتي ڊويزنل ڪمشنر بلال ميمڻ سميت ضلعي عملدارن عيد نماز شهرين سان ادا ڪئي. سينيٽر مولابخش چانڊيو به عيد نماز قاسم آباد ۾ ادا ڪئي. ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ۽ ٻين پوليس عملدارن پوليس هيڊڪوارٽر ۾ واپارين ۽ شهرين سان گڏ عيد نماز ادا ڪئي. ساڳئي ريت صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ راول هائوس راهوڪي ۾ تڪ جي عوام سان گڏجي عيد نماز ادا ڪرڻ بعد کين عيد جون واڌايون ڏنيون. نماز بعد انهن امن ۽ ڀائيچارو قائم رکڻ توڙي سنڌ سميت ملڪي سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گهريون. شهرين عيد نماز بعد هڪٻئي سان گلي ملي مبارڪون ڏنيون. بعد ۾ هو پنهنجي مٽن مائٽن ڏانهن ويا جڏهن ته شام جي وقت شهرين جو وڏو تعداد فيملي سان گڏ تفريحي ماڳن تي پهتو. راڻي باغ، حسين آباد پارڪ، مصطفيٰ پارڪ ۽ لطيف آباد جي پارڪن ۾ نوجوان، ناريون توڙي ٻارڙا رات دير تائين انجوائي ڪندا رهيا. حيدرآباد پوليس امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۽ عيد نماز دوران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا هئا. پوليس ترجمان ڄاڻايو ته عيد الفطر دوران اڍائي هزار اهلڪارن ڊيوٽيون سرانجام ڏنيون جڏهن ته ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز به لاڳاپيل ٿاڻن جي حدن ۾ ڏينهن رات گشت ڪيو.