حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو آهي ته اهڙيون حالتون ڪڏهن به نه هيون جو سپريم ڪورٽ، قومي اسيمبلي ۽ ٻيا ادارا هڪٻئي مد مقابل آهن. هن چيو ته سياسي حڪومت جو سپريم ڪورٽ جي مد مقابل هئڻ سٺي صورتحال ناهي ڇاڪاڻ ته عدليه جي سامهون اچڻ قانون ساز اسيمبلي جي مقابلي ۾ بيهڻ سٺي روايت نه آهي. عيد نماز بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊيو چيو ته قصور عدليه جو به آهي. جيڪڏهن انصاف تي ٻڌل فيصلا ٿين ته عدليه جي سامهون ڪنهن کي اچڻ جي جرئت محسوس نه ٿئي. هن چيو ته عدالتون آئين جي تشريح ڪن ٿيون، جيڪڏهن هو پاڻ قانون ٺاهينديون ته پوءِ قومي اسيمبلي ڇا ڪندي. هن چيو ته پاڪستاني فوج ۾ ڪجهه اهڙا جنرل آيا جن پنهنجي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ان جو ذميوار هو عمران خان کي قرار ڏيندو ڇاڪاڻ ته عمران خان پاڻ بيچيني پيدا ڪئي ۽ اهو به پاڻ چيو ته سڪون رڳو قبر ۾ آهي ۽ هاڻي هو پاڪستان کي ان راهه ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش پيو ڪري جتان واپسي ممڪن نه آهي. هن چيو ته عمران خان حڪومت کان الڳ ٿي ملڪ، عوام، سياست توڙي جمهوريت لاءِ خطرناڪ بڻجي ويو آهي. ملڪي فوج خلاف نامناسب ٻولي ڳالهائي هو خبر ناهي ڪنهن جي خدمت پيو ڪري. هن چيو ته سندس خيال آهي ته عمران کي پاڪستان جي ڪا به طاقت نه آهي. سپريم ڪورٽ اسان جي آهي ان کي ڏسڻ گهرجي ته گاڏي ۾ ويٺل شخص کي ڪيسن ۾ ضمانت ڇو پئي ڏئي. هن چيو ته هو قبول ٿو ڪري ته مهانگائي جي ذميواري موجوده حڪومت تي آئي آهي پر اها انهن کي عمران خان جي صورت ۾ ملي. مولابخش چانڊيو چيو ته هو ڳالهين لاءِ تيار آهن پر عمران خان انڪار ڪيو آهي ته هو چورن سان نه ڳالهائيندو. مولابخش چانڊيو چيو ته اسان پي ڊي ايم ۾ اندر نه پر ان سان گڏ آهيون ان ڪري مشروط ڳالهين تي پيپلزپارٽي حمايت نه ڪندي. اليڪشن جون حالتون ناهن ڇاڪاڻ ته پهرين به چونڊون ملتوي ٿيون هيون.