حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ضلعي ۾ هڪ سال دوران ڪورونا جا 12 هزار 540 ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان 287 مريض فوت ٿي ويا. ضلعي انتظاميا هڪ سال جي رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حيدرآباد ۾ ڪورونا جو پهريون ڪيس 9 مارچ 2020ع تي رپورٽ ٿيو. 9 مارچ 2020ع کان 9 اپريل 2021ع تائين ضلعي حيدرآباد ۾ مجموعي طور 12 هزار 540 ڪيس رپورٽ ٿيا. مجموعي طور 11 هزار 806 مريض ڪورونا مان صحتياب ٿيا جڏهن ته 287 مريض فوت ٿي ويا. فوتي مريضن جي شرح 2.2 سيڪڙو رڪارڊ ٿي. هڪ سال دوران هڪ لک 48 هزار 543 ماڻهن جون ٽيسٽون ڪيون ويون. 11 هزار 780 مريضن کي گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو جڏهن ته 760 مريض اسپتالن ۾ داخل ٿيا. هڪ هزار مان 53 مريضن کي ڪورونا جي تشخيص ٿي. ڪورونا جو شڪار ٿيل مريضن ۾ 303 ٻار شامل هئا جن ۾ 182 ڇوڪرا ۽ 121 ڇوڪريون شامل هيون جن جي عمر هڪ کان 9 سال هئي. 10 کان 19 سال عمر رکندڙ مجموعي طور 560 ٻار به ڪورونا جا شڪار ٿيا جن ۾ 362 ڇوڪرا ۽ 398 ڇوڪريون شامل هيون. 20 کان 29 سالن جي عمر جا 1324 نوجوان ڪورونا جو شڪار ٿيا. 30 کان 39 سالن جي عمر جا 1361 ڄڻا ڪورونا جي ور چڙهيا جن ۾ 976 مرد ۽ 385 عورتون شامل هيون. 40 کان 49 سالن جي عمر جا هڪ هزار 36 ماڻهو ڪورونا جو شڪار رهيا جن ۾ 767 مرد ۽ 269 عورتون شامل هيون. 50 کان 59 سالن جي عمر جا مجموعي طور 771 ڄڻا ڪورونا ۾ مبتلا ٿيا جن ۾ 543 مرد ۽ 228 عورتون شامل هيون. 60 کان 69 سالن جي عمر جا 392 ڄڻا ڪورونا جو شڪار رهيا جن ۾ 261 مرد ۽ 131 عورتون شامل هيون. 70 کان وڌيڪ عمر رکندڙ 203 ڄڻا ڪورونا ۾ مبتلا ٿيا جن ۾ 124 مرد ۽ 79 عورتون شامل هيون. ضلعي انتظاميا جي دعويٰ آهي ته ڪورونا جي وبا کي روڪڻ لاءِ مختلف اپاءُ ورتا ويا جنهن تحت مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو ۽ مختلف هنڌن تي قرنطينه سينٽر ۽ آئيسوليشن وارڊ قائم ڪري ماڻهن جو علاج ڪيو ويو ۽ گڏوگڏ ايس او پيز تي عمل به ڪيو ويو. ضلعي انتظاميا تفصيل سان سال جي گڏيل رپورٽ جوڙي آهي جنهن ۾ صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا جي گڏيل سهڪار سان کنيل قدمن تي روشني وڌي وئي آهي. ضلعي ۾ مختلف وقتن تي 6 کان وڌيڪ مريض هڪ ئي وقت ڪورونا جي ڪري فوت ٿيا جن جو چارٽ به رپورٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميا مطابق ڪورونا جي صورتحال هن وقت ضابطي هيٺ آهي.