حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت پنهنجي گريڊ کان مٿانهين عهدي تي مقرر ڊائريڪٽر انفارميشن حيدرآباد ڊويزن ذوالفقار شيخ کي بدلي ڪري ڇڏيو آهي. سندس جاءِ تي ميرپورخاص ۾ مقرر گريڊ 19هين جي ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن سوائي خان ڇلگري کي ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.