ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻن ڏينهن واري لاڪ ڊائون تحت ڪاروبار بند ڪرايا ويا. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ سرڪار پاران هفتي ۾ 2 ڏينهن ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ڪاروبار بند ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ شهر ۾ صبح ٿيندي ئي صدر، ڪينٽ، حيدر چوڪ، ريشم بازار، ڪوهنور چوڪ، گاڏي کاتو، لجپت روڊ، اسٽيشن روڊ، مڪي شاهه، ڦليلي، فقير جو پڙ، ڪلاٿ مارڪيٽ، قاسم آباد ۽ لطيف آباد ۾ پوليس پاران ڪاروباري مرڪز بند ڪرايا ويا پر پوليس جي وڃڻ کانپوءِ شهرين ٻيهر اڌو اڌ ڪاروباري مرڪز کولي ڇڏيا حالي روڊ واري علائقي ۾ قائم سبزي مارڪيٽ، ٽاور مارڪيٽ، فقير جو پڙ مارڪيٽ، ڦليلي ۽ ٻين علائقن ۾ ڀاڄين، ميوات ۽ گوشت سميت ڪريانه جي دڪانن تي شهرين جا ميلا متل رهيا. اڪثر شهرين ماسڪ جو استعمال نه ڪيو. ڦل ۾ پوليس کاڌي پيتي جي سامان، سبزي، کير ۽ ميڊيڪل اسٽورن کان سواءِ شھر جي مختلف چونڪن ناڪو اسٽاپ، مين بس اسٽاپ، مين شاھي بازار سميت درياخان مري روڊ چونڪ تي ڪپڙي، شوز جي دڪانن، درزين ۽ ھوٽلن کي بند ڪرائي رھواسين کي گھر رھڻ جون ھدايتون ڏنيون. مٺياڻي ۾ مختلف مارڪيٽون ۽ دڪان بند ڪرايا ويا، جن ۾ موبائيل مارڪيٽ، ڪپڙي، درزين ۽ ھوٽلن کي بند ڪرائي رھواسين کي گھر رھڻ جون ھدايتون ڏنيون. سنڌڙي، ھنڱورنو ۾ ميرپورخاص-کپرو روڊ تي لڳل منڊي سنڌڙي پوليس جي موجودگي ۾ ھلڻ لڳي، رش سبب ڪورونا پيکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو ، چيلھار ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر دوران جاري ڪيل سنڌ سرڪار جي ڪلهوڪي جمعو ڏينهن واري مڪمل لاڪ ڊائون تحت شهر بند رهيو مارڪيٽون ويران رهيون. ٽنڊوباگو سميت ڀرپاسي جي شهرن ڏيئي، کڏهرو، سانگي ڦرهو ۽ خليفو قاسم ۾ انتظاميا حڪومتي اعلان تي نه ڪرائي سگهي. ٽنڊوباگو سميت سڀني شهرن ۾ ڪاروبار کليل رهيو. عمرڪوٽ ۾ مارڪيٽن، ٿر بازار، موتي چوڪ، الله والا چوڪ، ماروي مارڪيٽ، تين تلوار چوڪ سميت مختلف علائقن ۾ سمورو ڪاروبار بند رهيو، هوڏانهن سکر ۾ سنڌ حڪومت طرفان جمعي ۽ آچر واري ڏينھن ڪورونا کان بچاءٌ لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون واري ھدايت تي سکر ۾ جمعي واري ڏينھن عمل نه ٿي سگھيو آھي، شاھي بازار، صرافا بازار، نيم ڪي چاڙھي وٽ لڳندڙ جمعي بازارن ۾ عورتن، مردن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ ڪورونا کان مڪمل طور بي خبر ٿي خريداري ڪرڻ لاءِ پھتو.