ٽنڊو ڄام (رپورٽ: مبين مگسي)حيدرآباد ۽ ميرپورخاص بورڊ جي نااهلي سبب نتيجا پڌرا نه ڪرڻ جي ڪري اسلام آباد ۽ لاهور سميت ٻين يونيورسٽين ۾ ٻنهي ڊويزن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون داخلائون وٺڻ کان رهجي ويا.  27 نومبر تي نتيجا پڌرا ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص بورڊ  انٽر جا نتيجا پڌرا نه نه ڪري سگهيا آهن جنهن سبب هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص بورڊ جا نتيجا نه اچڻ سبب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، مهراڻ يونيورسٽي، زرعي يونيورسٽي سميت حيدرآباد ڊويزن جي ٻين يونيورسٽين ۾ داخلائون نه ٿي سگهيون آهن، نتيجا پڌرا نه ٿيڻ سبب زرعي يونيورسٽي داخلائن جي تاريخ م واڌ ڪري ڇڏي آهي، دنيا ۾ تعليمي سال آڪٽوبر کان شروع ٿي ويندو آهي، حيدرآباد ڊويزن ۾  يونيورسٽيون سال 2022-2023 جون داخلائون ئي نه ڪري سگھيون آهن، يونيورسٽيز ۽ بورڊز جي صوبائي صلاحڪار اسماعيل راهو جلد نتيجا پڌرا ڪرڻ لاءِ سخت هدايتون جاري ڪيو هيون پر ان تي به عمل نه ٿي سگهيو آهي، پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي حيدرآباد بورڊ جي ڪنٽرولر مسرور زئي ٻڌايو ته ٻوڏ متاثرن ضلعن جي ڪري نتيجا پڌرا ٿيڻ ۾ دير آهي، صوبائي صلاحڪار يونيورسٽيز ۽ بورڊ پاران هڪ هفتي اندر نتيجا پڌرا ڪرڻ لاءِ چيو آهي، ڏنل وقت اندر نتيجا پڌرا ٿي ويندا، 27 نومبر تي نتيجا پڌرا ڪيا ويندا، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر صديق ڪلهوڙو ٻڌايو ته وقت سر نتيجا پڌرا نه ٿيڻ سبب يونيورسٽي جون داخلائون نه ٿي سگهيو آهن، اڃان به نتيجا ڏيڻ ۾ دير ٿي ته جنوري تائين ڪلاس شروع ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو، يونيورسٽين کي فل فنڊ نٿا ملن، داخلائون دير سان ٿيڻ سبب ڪافي مالي معاملا به رولڙي جو شڪار ٿي ويندا. زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد ٻڌايو ته وقت تي نتيجا نه اچڻ سبب زرعي يونيورسٽي به انٽري ٽيسٽ نه وٺي سگهي آهي، داخلائن جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، مهراڻ يونيورسٽي جي ترجمان امداد سومرو ٻڌايو ته نتيجا پڌرا نه ڪرڻ سبب مهراڻ يونيورسٽي به داخلائون مڪمل نه ڪري سگهي آهي. تعليمي سال آڪٽوبر ۾ شروع ٿئي ٿو پر اسان پوئتي وڃي رهيا آهيون، وقت سر نتيجا پڌرا نه ٿيڻ سبب حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن سان تعلق رکندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسلام آباد ۽ لاهور سميت ٻين يونيورسٽين ۾ داخلائون وٺڻ کان رهجي وڃن ٿا.