شھدادپور (ن پ ا) شهدادپور سمس اسپتال دوا وٺڻ لاءَ آيل مريض جو کيسو ڪتري پئسا چوري ڪرڻ جي ڪوشش دوران مريض جي وارثن هڪ عورت کي سوگهو  ڪري ورتو. جنهن کي پوليس حوالي ڪيو ويو. عورت جي سڃاڻپ مقصودو رند واسڻ مسمات آسيه چانڊيو طور ٿي، تلاشي دوران سندس پرس مان 8 سئو رپيا روڪ به هٿ آيا، پوليس موجب ڄاڻايل عورت 4 ڀيرا اڳ به گرفتار ٿي چڪي آهي. معصوم مريضن جا کيسا ڪتري انهن جا پئسا موبائل فون وغيره چوري ڪرڻ ۾ ملوث آهي پر ڪوبه فريادي نه ٿيڻ سبب هر ڀيري آزاد ٿي وڃي ٿي. ٻئي طرف پوليس سرڪار جي فرياد تي مٿس ڪيس داخل ڪرڻ بدران کيس آزاد ڪيو ويو.