لاڙڪاڻو/ ملير (نمائن6دن وٽان) قائدآباد ويجهو لانڍي يونس چورنگي ويجهو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ لاڙڪاڻي جي علائقي باقراڻي ويجهو قادر بخش ککراڻي ڳوٺ جي لائق عرف سهڻو ککراڻي طور ٿي. ان سلسلي ۾ڪراچي پوليس موجب مارجي ويل سهڻو ککراڻي لاڙڪاڻي جي مختلف ٿاڻن تي 30 کان وڌيڪ ڦرن، ڌاڙن، پوليس مقابلن جا ڪيس داخل هئا، جڏهن ته ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي ڏوهن کان وڌيڪ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ پڻ ملوث هو، پوليس مارجي ويل ڏوهاري جي قبضي مان مليل هٿيار فارنزڪ لاءِ موڪليا آهن، مارجي ويل ڏوهاري ڦر لٽ بعد فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته پوليس مقابلو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ شهري پڻ زخمي ٿيو هو.هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو جو چوڻ هو ته ڏوهاري کي گرفتار ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻو پوليس جي ٽيم به ڪراچي ۾ موجود هئي، ڪراچي ۽ لاڙڪاڻو پوليس جي گڏيل ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڏوهاري سهڻو ککراڻي مارجي ويو.