حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان سيري جي ڳوٺ علي اصغر شاهه ۾ نينگر سان مبينا بدفعلي جو انڪشاف ٿيو آهي. متاثر نينگر وسيم سمون سان بدفعلي واقعي ۾ ملوث بااثر شخص خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي والد پوليس خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي گلزار سمون الزام هنيو ته 3 ڏينهن اڳ سندس 9 سالن جي پٽ وسيم سمون سان بااثر راحب سمون ان وقت بدفعلي ڪئي جنهن وقت سندس پٽ علائقي ۾ لڳل ميلي تان واپس گهر پئي آيو. هن چيو ته واقعي بعد سيري ٿاڻي پهچي پٽ سان مبينا طور بدفعلي جي ڪوشش ڪندڙ بااثر خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي واپس روانو ڪري ڇڏيو. هن چيو ته هو لاڳيتو ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي رهيو آهي پر پوليس نه ئي واقعي ۾ ملوث بااثر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ئي وري کيس پٽ جي ميڊيڪل ڪرائڻ لاءِ ليٽر فراهم ڪيو پيو وڃي. هن ايس ايس پي امجد احمد شيخ کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس سندس پٽ سان بدفعلي ڪندڙ بااثر خلاف ڪارروائي يقيني بڻائين. رابطو ڪرڻ تي سيري ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد رحيم چانڊيو ٻڌايو ته کين واقعي جو اطلاع مليو آهي پر متاثر نينگر جا وارث ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ناهن آيا جنهن ڪري اڃا ڪيس داخل ناهي ٿيو. ايس ايڇ او موجب ته نينگر جا وارث ٿاڻي اچي ڪيس داخل ڪرائيندا ته واقعي ۾ ملوث شخص خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.