مٽياري (رپورٽر)  کيبر شھر جي مدرسي مان 2 کٿابي ٻارڙا پراسرار نموني گم ٿي ويا آهن، جن جي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي کيبراڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. ان ڏس ۾ ٻه ڏينھن پھريان کيبر شھر جي مدرسي مان گھر وڃڻ لاء نڪتل ٻه کٿابي نينگر ٻن ڏينھن کان لاپتا آھن. کيبر جي مدرسي ۾ پڙھندڙ نينگر زيد ميمڻ ۽ عتيق الرحمان ٻه ڏينھن پھريان مدرسي مان گھر وڃڻ لاءِ نڪتا پر ٻه ڏينھن گذرڻ باوجود گھر نه پھچي سگھيا آھن. ٻنھي نينگرن جي والدين ٻارڙن جي اغوا جو شڪ ڏيکاريندي کيبراڻي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آهي لاپتا ٻارڙن جي والدين جو چوڻ ھو ته نينگر ٻن ڏينھن کان گم آھي اسان کي نينگرن جي اغوا جو شق آھي پوليس کي رپورٽ پڻ لکرائي آھي پر پوليس ٻن ڏينھن کان ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو جنھن سبب اسان ٻارڙن لاءِ تمام گھڻا پريشان آھيون لاپتا ٻارڙن جي والدين ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جي ٻارڙن جي تلاش ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.