دوداپور (ن پ ا) دوداپور ويجهو پنهون ڀٽي واري علائقي ۾ ڪٽوھر برادري جي ٻن ڌرين قائماڻي ۽ بکراڻي برادري جيوچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي نبيري لاءِ ميرمختيارخان بليدي جي اڳواڻي ۾ علائقي جي معززين جو ميڙ منٿ قافلو قائماڻي ڌر جي رحيم بخش ڪٽوھر وٽ پهتو ڌرين پاران ميڙ منٿ کي مان ڏيندي صلاح مشوري لاءِ ڪجھ ڏينهن جي مهلت گهري ورتي.پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ رحيم بخش ڪٽوھر ۾ دائم ڪٽوھر ۽ بهار ڪٽوھر جي ڌرين ۾ رستي لنگهه تان شروع ٿيل خوني تڪرار تان جهيڙي ۾ اختيار عرف ڏاگهو ڪٽوھر قتل ٿي ويو ھو،ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾دائم ڪٽوھر، آصف ڪٽوھر سميت ٻنهي ڌرين جا 3 قتل ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا،واقعي سبب جهڙيندڙ ڌرين وارو علائقو نوگوايريا ۽ زمينون بنجر ۽ ڳوٺ ويران ٿي ويا هئا،علائقي جي چڱن مڙسن ۽ نيڪ مردن پاران مسلسل ميڙ منٿنون ڪرڻ بعد ڌرين پاران فيصلي لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي. رحيم بخش ڪٽوھر واري ڌر ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي چيو ته فيصلي لاءِ رضامند آهيون منهنجو هڪ ڀائيٽيو سعودي ويل آهي جيڪو ڪجهه ڏينهن ۾ اچڻو آهي، صلاح مشوري لاءِ ڪجهه ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي،فيصلي جو سرپئنچ ۽ مقرر تاريخ جا اختيار مختيار بليدي وٽ هوندا آخر ۾ پڻ خير جي دعا گهري وئي.