حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ٽينٽ سٽي ۾ 10 مهينن جو هڪ ٻوڏ متاثر نينگر فوت ٿي ويو آهي. ميران بخش ولد گلزار خان نالي نينگر اصل ڳوٺ خان محمد تعلقي ڳڙهي خيرو ضلعي جيڪب آباد جو رهواسي هو ۽ هن وقت ليبر اسڪوائر ٽينٽ سٽي جي ٽينٽ نمبر 225 ۾ رهائش پذير هو. انتظاميا مطابق نينگر کي پيدائشي طور دل ۾ 3 سوراخ هئا ۽ هن جي طبعيت خراب رهندي هئي. وڌيڪ طبعيت خراب ٿيڻ جي ڪري هو فوت ٿي ويو.