ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ برساتي پاڻي بيهڻ سبب ڊينگي جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ، رڳو ڪراچي ۾ 87 نوان ڪيس ظاهر، پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اقرا يونيورسٽي جو چانسلر حنيد لاکاڻي ڊينگي سبب  لاڏاڻو ڪري ويو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ پيل تازين برساتن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڊينگي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، ڪالهه رڳو ڪراچي ۾ ڊينگي جا 87 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هوڏانهن پي ٽي آءِ جو اڳواڻ ۽ اقرا يونيورسٽي ڪراچي جو چانسلر حنيد لاکاڻي ڊينگي ۾ مبتلا ٿيڻ سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو، حنيد بيت المال سنڌ جو صدر به رهيو، ٻئي طرف صحت کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رڳو هلندڙ مهيني دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڊينگي جا  529 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مهيني رڳو ڪراچي ۾ 518، حيدرآباد ۾ 3، ٺٽي ۾ هڪ، ميرپورخاص ۾ هڪ، خيرپور ۾ 4 ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ 2 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هلندڙ سال سنڌ ۾ ڊينگي جا 3097 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن. هوڏانهن سننڌ جي زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ زراعت واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته مليريا جي روڪٿام لاءِ صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي مدد سان مڇر مار اسپري ڪرايو وڃي