ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل سرڪاري زمينن تي قبضي واري ڪيس ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت حليم عادل شيخ جي هڪ لک جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪندي حڪم ڏنو ته جيڪڏهن جوابدار خلاف ڪو ٻيو ڪيس داخل ناهي ته کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي. عدالت طرفان رليز آرڊر جاري ٿيڻ بعد حليم عادل کي سينٽرل جيل مان آزاد ڪيو ويو، اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل، پي ٽي آءِ ايم پي ايز ۽ ڪارڪنن جيل ٻاهران حليم عادل شيخ جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته رجيم چينج ( وفاقي سرڪار جي تبديلي) بعد مون تي 27 ڪيس داخل ڪري منهنجو آواز بند ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي، آئون ڪپتان جي ٽيم جو کلاڙي آهيان، هٿڪڙي ۾ به ساڳئي ڳالهه ڪندو هئس، هن چيو ته ڪجهه وزير منهنجي پويان پيل آهن.