سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) بک بدحالي يا نياڻيءَ جي پيدائش، ٻوڏ متاثر ماءُ پنھنجي تازي ڄاول نياڻيءَ کي اسپتال ۾ ڇڏي ھلي وئي، ھيلٿ سينٽر جي عملي نامعلوم عورت ۽ سندس خاندان کي منٿون ڪيون ته ٻارڙيءَ کي کڻي وڃو پر پوءِ به ڪٺور دل ماءُ پنھنجي نياڻيءَ کي ڇڏي هلي وئي. پي پي ايچ آءِ جي ريجنل ڊائريڪٽر نياڻيءَ جي پرورش جو ذمو کڻي ورتو. ان ڏس ۾ پي پي ايچ آءِ جي ريجنل ڊائريڪٽر محمد افضل ڪولاچي ٻڌايو ته نيو تعلقي سکر جي يونين ڪائونسل تماچاڻيءَ ۾ واقع ھيلٿ سينٽر ۾ نامعلوم عورت ٻارڙيءَ کي 6 سيپٽمبر تي جنم ڏنو، ٻارڙيءَ جي پيدائش ۽ ابتدائي علاج بعد نامعلوم عورت پنھنجي ٻارڙيءَ کي ڇڏي رواني ٿي وئي، ھيلٿ سينٽر جي عملي ماءُ توڙي سندس خاندان کي ٻارڙي کڻي وڃڻ لاءِ به چيو، اِن جي باوجود ھنن ٻارڙي نه کنئي. ريجنل ڊائريڪٽر پي پي ايچ آءِ محمد افضل ڪولاچي وڌيڪ ٻڌايو ته نامعلوم خاندان طرفان ڇڏيل نينگريءَ جي پرورش جي ذميواري مون کنئي آھي، ھو منھنجي نياڻي آھي ۽ آئون پنھنجي نياڻيءَ کي سٺي تعليم ڏياري ڊاڪٽرياڻي ڪندس. پي پي ايچ آءِ جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر بشرا منصور طرفان سموري معاملي متعلق اسسٽنٽ ڪمشنر نيو تعلقي سکر توڙي لاڳاپيل اختيارين کي ليٽر لکي آگاھي ڏني وئي آهي.