حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن تي پارڪنگ چارجز وڌائڻ بعد ٺيڪيدارن ۽ رڪشا ڊرائيورن ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ اڃا تائين ختم نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته ٺيڪيدارن پاران سمورن رڪشا ڊرائيورن کي ريلوي اسٽيشن تان پڻ بيدخل ڪيو ويو آهي. ٺيڪيدارن پاران بيدخلي ۽ پارڪنگ چارج وڌائڻ خلاف رڪشا مارڪيٽ ۾ ڊرائيورن ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اعجاز علي، حامد ۽ ٻين ڊرائيورن ٻڌايو ته ريلوي اسٽيشن جي ٺيڪيدارن پاران پارڪنگ فيس 10 رپين مان وڌائي 20 رپيا ڪئي وئي آهي ۽ پهرين ٺيڪيدار 24 ڪلاڪن لاءِ کانئن 10 رپيا وصول ڪندا هئا. هاڻي هر سواري کڻڻ جا هو 20 رپيا وصول ڪري رهيا آهن. انڪار تي ٺيڪيدارن کين ريلوي اسٽيشن تي گاڏيون بيهارڻ کان روڪيندي بيدخل ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته ڏينهن رات هڪ ڪري هو 300 کان 500 رپيا ڏهاڙي ڪمائين ٿا جنهن مان اڌ حصو هو مبينا طور ڀتو وٺندڙ ۽ مختلف چوڪن تي بيٺل ٽريفڪ پوليس عملي کي ڏيندا رهن ٿا. باقي سندن ڏهاڙي مان 200 کان 300 رپيا مشڪل سان بچن ٿا جنهن مان سندن گهر جو گذر بسر مشڪل بڻجي ويو آهي. رڪشا ڊرائيورن ريلوي پوليس ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي پارڪنگ جي آڙ ۾ مبينا طور ڀتو وصول ڪندڙ ٺيڪيدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.