ٽنڊو غلام علي (ن پ ا) ٽنڊو غلام علي ڀرسان گهر اندر نينگر کي نانگ ڪکي وڌو. ٽنڊوغلام علي ڀرسان ڳوٺ ڪيٽي نظاماڻيءَ ۾ نيازو خاصخيليءَ جي گهر اندر سندس 8 ورھين جي پٽ علي اڪبر خاصخيليءَ کي نانگ ڪکي و ڌو، واقعي بعد وارثن نينگر کڻي ٽنڊو غلام علي اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن پاران فرسٽ ايڊ ڏئي نينگر کي حيدرآباد ريفر ڪيو. نينگر حيدرآباد پهچڻ کان اڳ ئي رستي ۾ فوت ٿي ويو. نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.