دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) دادو شهر ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، دڪاندار ۽ واپاري ڏوهاري جي ٽارگيٽ تي اچي ويا آهن، دادو جي بس اسٽاپ وٽان هٿياربند ڦورو پي پي ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي ويجهي عزيز مشهور واپاري ، ڊيلر حافظ جمالي جي دڪان تان لکين رپين جي ڦر ڪري ويا آهن ، ساڳئي وقت سيوهڻ روڊ تي مرکپور پاڙي ۾ هٿيار بندن ڏينهن ڏٺي جو ڪريم بخش گوپانگ جي ڪريانه دڪان ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي دڪاندار ۽ سندس مزدورن کي يرغمال بڻائي 2 لک 50 هزار روڪ ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري ويا ، ڦر جي واقعن خلاف چيمبر آف ڪامرس جي اڳواڻ گل حسن پنهور ، مشتاق احمد ۽ مدد علي گوپانگ جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ دڪاندارن ۽ واپارين پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مرکپور پاڙي کان احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو شهر جي مک ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻي 2 ڪلاڪن تائين ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي ، مظاهرين بد امني ۽ پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا ۽ دانهيو آهي ته پوليس جي ملي ڀڳت سان ڏوهارين جي متحرڪ ٽولو دڪاندارن ۽ واپارين کان ڦرون ۽ دڪانن مان چوريون ڪري رهيو آهي ، جن خلاف پوليس ڪارروائي نه ٿي ڪري هنن چتاء ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ڦر ۽ چوري ڪيل رقم ۽ سامان واپس نه ڪرايو ويو ته هو ڀرپور احتجاج ڪندا. واضح رهي ته مهيني دوران شو روم مالڪ الهورايو جمالي، اسپيئر پارٽس مالڪ لياقت مگسي ، نظير ٻٻر، غلام مرتضيٰ جوکيو ، مختيار قريشي سميت 20 کان وڌيڪ دڪاندارن جي دڪانن مان ڦرن ۽ چورين جا واقعا پيش آيا آهن ، ان سان گڏ دادو شهر ۽ ڀرپاسي جي لنڪ روڊن تان 60 کان وڌيڪ موٽر سائيڪل ڦر ۽ چورين جا واقعا پيش آيا آهن جنهن سبب دادو جي دڪاندارن ۽ واپارين ۾ خوف حراس واري لهر ڊوڙيل آهي ، جڏهن ته لياقت مگسي سميت 3 دڪاندارن پاران پوليس کي ڦرن ۽ چورين جا سي سي ٽي وي فوٽيج ڏيڻ باوجود پوليس سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ نظر ايندڙ ڦورن ۽ چورن جو پتو نه لڳائي سگهي آهي. هوڏانهن دادو شهر سان گڏ ميهڙ ، ڪي اين ۽ جوهي تعلقن ۾ پڻ ڦرن ، ڌاڙن ۽ چورين جي ڪاررواين ۾ رڪارڊ اضافو اچڻ تي ڊي آء جي حيدرآباد شرجيل احمد دادو پهچي ڊي ايس پيز ۽ ايس ايچ اوز سان گڏجاڻيون ڪيون ۽ ڊي آء جي حيدرآباد ريجن صحافين جي آڏو دادو ضلعي ۾ بدامني وڌڻ جو اعتراف ڪيو پر پوليس آفيسرن سان ڊي آء جي حيدرآباد پاران گڏجاڻيون ڪرڻ باوجود بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي. سوشل ميڊيا ۾ سياسي ، سماجي اڳواڻن پاران بدامني جو ذميوار ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ کي قرار ڏيندي اهي به پوسٽون رکيون پيون وڃن.