حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت خلاف مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي 11 استادن ۽ آفيسرن کي اڄ اينٽي ڪرپشن آفيس ڄامشورو ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ڄامشورو پاران سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار کي هڪ ليٽر جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت خلاف داخل ايف آءِ آر جي جاچ جي سلسلي ۾ گڏيل انڪوائري ٽيم قائم ٿيل آهي، جنهن وٽ بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ پروفيسرز ۽ آفيسرز کي موڪليو وڃي ته جيئن سندن بيان رڪارڊ ڪري جاچ جو دائرو اڳتي وڌائي سگهجي. ان ڪيس ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي ٻن پروفيسرن کي به جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي جن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر فيروز شاهه ۽ پروفيسر ڊاڪٽر آصف شيخ به شامل آهن. ان کانسواءِ اينٽي ڪرپشن کاتي پاران مهراڻ يونيورسٽي جي جن پروفيسرز ۽ آفيسرن کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي تن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز سولنگي، پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو، پروفيسر ڊاڪٽر محمد سليم چانڊيو، پروفيسر ڊاڪٽر امير علي ابڙو، محمد معشوق صديقي، ڪاشف علي ناريجو، ساجد قيوم ميمڻ، غلام اڪبر سولنگي ۽ عبدالرحيم لغاري شامل آهن. اينٽي ڪرپشن کاتي ڄامشورو پاران اهڙو ليٽر جاري ٿيڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو پاران به ڄاڻايل پروفيسرن ۽ آفيسرن کي الڳ ليٽر جاري ڪيو ويو آهي ته هو اڄ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ڄامشورو جي آفيس پهچي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائين. ڄاڻايل آفيسرن ۽ استادن کي گهربل رڪارڊ به گڏ آڻڻ لاءِ چيو ويو آهي. واضح رهي ته سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت خلاف ڪرپشن جو ڪيس هلندڙ آهي. ان سلسلي ۾ آگسٽ 2020ع ۾ هڪ ايف آءِ آر به داخل ڪئي وئي هئي پر اهو ڪيس اڃا تائين منطقي انجام تائين پهچي نه سگهيو آهي ۽ هاڻي گڏيل جاچ ٽيم آڏو ڄاڻايل پروفيسرن ۽ استادن کي طلب ڪري سندن بيان قلمبند ڪيا پيا وڃن.