اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ڀرسان روڊ حادثو، اسلام ڪوٽ واسي نوجوان فوت، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب گذريل ڏينهن اسلام ڪوٽ- ڏيپلو روڊ تي ڳوٺ سينهار ناگڙ وٽ تيز رفتار لانگ جيپ بولان گاڏيءَ سان ٽڪرائجي وئي، نتيجي ۾ بولان گاڏيءَ ۾ سوار 3 ڄڻا سينئر صحافي اشوڪ شرما جو سئوٽ ۽ ڏيپلو ڪاليج جو ڪلارڪ ڀڳوان داس شرما، مٺي واسي راهول ڪمار لوهاڻو ۽ ڊرائيور حيدر قائمخاني سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سرڪاري اسپتال آندو ويو جتان 52 ورهين جي ڀڳوان داس شرما کي مٺي نيو پئي ويو ته وچ رستي ۾ فوت ٿي ويو. اهڙي اطلاع تي فوتي جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته سوڳ ۾ واپاري برادري پاران پنهنجو سمورو ڪاروبار بند رکيو ويو، اسپتال ۾ ايمبولنس جو ڊرائيور نه هجڻ ڪري زخمي تڙپندا رهيا. ايم ايس جي فون باوجود ڊرائيور نه پهتو. ان سلسلي ۾ فوتي نوجوان جي وارثن موجب ڊيوٽيءَ تي موجود ڊاڪٽر ڪنور لوهاڻو شروع ۾ چيو ته ايمبولنس مٺي ويل آهي، توهان مريض کي مٺي منتقل ڪرڻ لاءِ ٻِي گاڏي جو بندوبست ڪريو. بعد ۾ ايم ايس کي فون ڪئي ويئي جنهن چيو ته ايمولنس موجود آهي، ڊرائيور کي گهرايون ٿا. ايم ايس ڊرائيور کي فون ڪندو رهيو پر هن اٽينڊ نه ڪيو، بعد ۾ گاڏي موڪلي ڊرائيور کي گهران آندو ويو، اڌ ڪلاڪ تائين زخمي تڙپندو رهيو جيڪو بعد ۾ اسلام ڪوٽ مان نڪرڻ شرط فوت ٿي ويو.