حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد گرلز ڪاليج جي رليف ڪئمپ ۾ ٽڪيل 6 ورهين جي هڪ نينگري منت ڌيءُ ولي محمد ٻگهيو فوت ٿي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته نينگري ڪافي عرصي کان بيمار هئي. کيس علاج لاءِ تعلقي اسپتال قاسم آباد منتقل ڪيو ويو جتي هو فوت ٿي وئي. فوت ٿيل نينگري جو تعلق ڪي اين شاهه سان ٻڌايو پيووڃي. ٻوڏ جي ڪري هو رليف ڪئمپ ۾ پنهنجي مائٽن سان گڏ ٽڪيل هئي. نينگري جي وارثن ۽ ٻين سماجي ڪارڪنن نينگري جي فوتگي خلاف احتجاج به ڪيو. وارثن جو چوڻ هو ته هو پنهنجي نينگري کي روزانو جي بنياد تي اسپتال وٺي ويندا هئا پر اسپتال ۾ هن جو بهتر علاج نه ٿيو جنهن جي ڪري هو فوت ٿي وئي. حيدرآباد جي ٻين رليف ڪئمپن ۾ پڻ ٽڪيل وڏا ماڻهو ۽ ٻارڙا بيمار آهن پر سندن بهتر علاج نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون پيون وڃن. هنن مطالبو ڪيو آهي ته نينگري جي فوتگي واري معاملي جو نوٽيس وٺي ٻارن ۽ رليف ڪئمپ ۾ ٽڪيل ٻين ماڻهن جي علاج طرف ڌيان ڏنو وڃي.