ڌاٻيجي (ن پ ا) ڌاٻيجي مل ايريا ۾ قائم نجي فيڪٽري انور ٽيڪسٽائل مل جي انتظاميا مقامي پورهيتن سان زياديتون جاري رکندي 35 مقامي سنڌي پورهيت بيروزگار ڪري پنجاب کان ماڻھو گهرائي ڀرتي ڪري ڇڏيا آهن.  مقامي پورهيت  بک بدحالي ۽فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا سياسي سماجي چونڊيل نمائندن توڙي پورهيتن لاء جاکوڙ ڪندڙ تنظيمن به اکيون پوري ڇڏيون آهن. ان ڏس ۾ هوت خان پتافي  ، اڪرم خان ۽ ٻين ٻڌايوته گذريل ڪيتري ورهين کان ڌاٻيجي مل ايريا ۾ قائم نجي فيڪٽري انور ٽيڪسٽائل مل ۾ پورهيوڪري رهيا آھيون گذريل ڪجھ مهينا پهرين فيڪٽري هڪ بااثر ديوان کي وڪرو ڪئي وئي جتي ديوان پنهجي ڏاڍ ۽ جبر  ذريعي هڙئي مقامي پورهيتن کي جبري طور تي برطرف ڪري ٻاهريان ماڻھو گهرائي ڪري ڀرتي ڪري ڇڏيا 3 ڏينهن پهريان پنجاب جي تعصب پرست ايڊمن ملڪ اٽي ۾ لوڻ برابر ڪم ڪندڙ مقامي سنڌي پورهيتن جو بلاجواز گيٽ بند ڪري کين بيروزگار ڪري  پنجاب  کان ماڻھو گهرائي ڀرتي ڪري ڇڏيا جنهن سبب اسين  مڪمل طور تي بک بدحالي ۽ فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون هنن ليبر ڊاريڪٽر حيدر آباد سنڌ ۽ صنعت جي وزير کان اپيل ڪندي چيو ته فوري طور نجي فيڪٽري جي تعصب پرست انتظاميا جي زيادتين جو نوٽس وٺي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.