سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ اٽي جي في ڪلو تي 40 کان 50 رپين تائين اضافو، ڪڻڪ في مڻ 2100 کان 3600 رپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي، برسات، ٻوڏ جي تباھڪارين کان پوءِ غريب، پورھيت ۽ وچولو طبقو مھانگائيءَ سبب سخت پريشان، ان ڏس ۾ سنڌ جي ٻين شھرن جيان سکر ۾ به اٽي جي اگھه تي ھٿرادو اضافو ڪيو ويو آھي. سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر ۾ واپارين ھٿرادو پنھنجا من پسند اگھه مقرر ڪري ڇڏيا آھن، سکر شھر ۾ اٽي جي في ڪلو تي 40 کان 50 روپين جو اضافو ڪيو ويو آھي، لڳ ڀڳ ھڪ مھينو اڳ 80 روپيا في ڪلو وڪرو ٿيندڙ اٽو ھن وقت 120 روپين ۾ وڪرو ٿي رھيو آھي، جڏھن ته شھرين مطابق ڪٿي 110 ته ڪٿي وري 130 رپين ۾ به اٽو في ڪلو وڪامجي رھيو آھي. اھڙي طرح اٽي جي 10 ڪلو واري ٿيلھي تي 400 روپيا ۽ في مڻ تي 1600 روپيا اضافو ڪيو ويو آھي. ساڳي طرح ڪڻڪ جي اگھن ۾ به 1500 في مڻ جي حساب سان اضافو ڪيو ويو آھي. اِن ڏس ۾ سکر جي شھرين تاجرن علي شير مھر، رضوان قادري ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته ڪڻڪ جو فصل جڏھن تيار ٿئي ھا ته حڪومت کي ڪڻڪ جي امدادي رقم اُن وقت طئي ڪرڻ گھرجي ھا پر بي وقت 4000 روپيا ڪڻڪ جو في مڻ مقرر ڪرڻ تي منافعي خور تاجرن وڏي پئماني تي ڪڻڪ پاڻ وٽ ذخيرو ڪري ڇڏي آھي، نتيجي ۾ ڪڻڪ توڙي اٽي جي اگھن ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آھي. علي شير مھر مطابق پھريان ڪڻڪ 2100 روپيا مڻ ملي رھي ھئي، جيڪا ھاڻي 3600 روپيا في مڻ به مشڪل سان ملي رھي آھي، تنھن ڪري امڪان آھن ته اٽو 150 روپين تائين في ڪلو تائين پھچي سگھي ٿو. سکر واسي واپاري علي شير مھر وڌيڪ ٻڌايو ته  پنجاب ۽ ڪي پي ڪي حڪومت فلور ملن توڙي اٽي چڪين کي ڪڻڪ جي فراھمي پھرين جون کان جاري ڪري ڇڏي ھئي پر سنڌ حڪومت ھن وقت تائين ڪڻڪ جو ھڪ داڻو به جاري ناھي ڪيو، پھرين آڪٽوبر کان ڪڻڪ فراھم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، بليڪ مارڪيٽنگ روڪڻ جي ذميواري حڪومت مٿان عائد ٿيندي آھي پر ھِتي سنڌ حڪومت 2200 روپين ۾ خريد ڪيل ڪڻڪ 4000 روپين ۾ بليڪ تي پاڻ وڪرو ڪندي. شھرين جو چوڻ آھي ته برسات توڙي ٻوڏ سبب اڳ ئي سنڌ واسين جو وڏو نقصان ٿيو آھي، عوام بي گھر ٿي وئي آھي، گڏ ڪيل رقم، سامان ختم ٿي ويو آھي، وڏي انگ ۾ ماڻھو بيروزگار آھن، اھڙي صورتحال ۾ عوام کي رليف ڏيڻ بجاءِ اٽي، ڪڻڪ جي اگھن ۾ اضافو عوام جي زخمن جي لوڻ ٻرڪڻ برابر آھي. نوٽيس وٺي بليڪ مارڪيٽنگ، ذخيرا اندوزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري عوام کي سستي اگھن تي اٽو فراھم ڪري.