حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ٻارهين ڪلاس جي آخري سنڌي جي پيپر دوران  مختلف سينٽرن تي ڪاپي جي ڌم متل رهي. ويجيلينس ٽيم ڊپٽي سيڪريٽري شاهنواز ڀٽي، اسسٽنٽ ڪنٽرولر اعجاز ڪاڪا، مهناز درس، جاويد شورو، سجاد پالاري، اسماعيل سمون ۽ راشد علي جي اڳواڻي ۾ مختلف سينٽرن تي ڇاپا هنيا. 80 کان وڌيڪ اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو. اسسٽنٽ ڪنٽرولر موجب ڇاپن دوران اميدوارن کان وڏي انگ ۾ موبائل فون، مين پڙيون، گٽڪا، زيڊ 21، نسوار ۽ ٻي منشيات به هٿ آئي جيڪا تحويل ۾ وٺي بورڊ عملي ڏانهن اماڻي وئي آهي.