حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آءِ جي سنڌ جي حڪم بعد حيدرآباد جي لڳ ڀڳ  هڪ درجن ٿاڻن تي ليڊي پوليس اهلڪارن کي ڊيوٽي آفيسر طور مقرر ڪيو ويو آهي، ترجمان پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايس پي هيڊڪوارٽر انيل حيدر منهاس سٽي ٿاڻي تي فوزيه اقبال، ڦليلي تي انعم، پڃاري تي ثريا، بي سيڪشن تي ياسمين ڀٽي، حالي روڊ تي عائشه، ڪينٽ تي بشريٰ، اي سيڪشن تي سيما خاتون، بلديا تي ساجده، قاسم آباد تي شازيه، حسين آباد تي ڪرن ۽ فورٽ ٿاڻي تي سدرا کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ٿاڻن تي مقرر ليڊي پوليس اهلڪارن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته هو هاڻي هيڊ محرر سان گڏ بطور ڊيوٽي آفيسر پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏينديون. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ليڊي اهلڪارن کي ٿاڻي تي مقرر ڪرڻ جو مقصد ٿاڻا ڪلچر بهتري آڻڻ آهي.