اوٻاوڙو (رپورٽ: نذير احمد ٿهيم) رائونتي پوليس مبينا مقابلي بعد 6 ڪراچي واسين کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. ان حوالي سان ايس ايچ او رائونتي محمد ايوب ڊوگر ٻڌايو ته ڳجهي  اطلاع تي وڏي پوليس نفري نشاندهي ڪيل جڳهه تي پهتي تي ڏوهارين پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني. پوليس جوابي فائرنگ ۽ مقابلي بعد ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪري ورتو، جنهن بعد ڏوهاري مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا. پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرايلن ۾ محمد فرمان پٽ عبدالرشيد ڪانڃون، محمد فيضان پٽ محمد فرمان، غلام جعفر پٽ خورشيد احمد، محمد جاويد پٽ محمد صديق ڪانڃون، محمد حذيفه قريشي، محمد عامر انصاري ۽ هڪ نينگري شامل آهن. پوليس بازياب ٿيل 6 ڄڻن کي ٿاڻي تي آندو. بازياب ڪرايل ڪراچي واسين ٻڌايو ته صاحب شر نالي شخص ساڻن ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪندو هو، جنهن اسان کي پنهنجا قربانيءَ جا جانور مناسب رقم ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ چيو. اسان قرباني جا سستا جانور خريد ڪرڻ لاءِ ڪراچي کان اوٻاوڙو پھتاسين ته نامعلوم ماڻهو اسان موٽرسائيڪلن تي کڻي رائونتي جي ڪچي واري علائقي طرف وٺي وڃي رهيا هئا ته رائونتي پوليس مقابلو ڪري اسان کي اغوا ٿيڻ کان بچاءِ ورتو آهي.