حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد جي سالياني چونڊ اڄ ٿي رهي آهي. چونڊن ۾ ساڍا 1500 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. اليڪشن لاءِ مقرر رٽريننگ آفيسر سيڪنڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد عباس سيال پاران اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي جاري ڪيل لسٽ مطابق صدر لاءِ محمد آصف شيخ، غلام اصغر ميربحر، غلام سرور بلوچ، جلال احمد لغاري، نائب صدر لاءِ محمد حسين ميو، کيت ڪمار کتري، مس اسمه مغل، جنرل سيڪريٽري لاءِ عمران علي ٻوڙاڻو، فيصل مغل، جي ايم آفاق، اسرار حسين چانگ، اشر مجيد کوکر، جوائنٽ سيڪريٽري لاءِ انور احمد ميمڻ، بشير احمد سيٺار، عبدالرزاق درس، محمد عرفان چانڊيو، سيد ايم ايم راشد، حق نواز جماري، صفدر علي ابڙو، منيش ڪمار مولاڻي، لائبريري سيڪريٽري لاءِ نعيم الدين سهتو، محمد اڪرم قريشي، اسد الرحمان، خزانچي لاءِ شاڪر نواز شر، ڪاشف علي لاکو، محبوب علي سولنگي، شارخ عباسي، ثاقب علي مغل ۽ ايم ايم سي لاءِ همايون شورو، سفيان احمد لغاري، شفقت الله پنهور، افضل علي شاهه، عبدالرحمان ميمڻ، عبدالله لانگاهه، ذيشان ايوب، عبدالوحيد لنجار، عبدالااحد سهتو، مس صبا عروج مغل، محمد رضوان، مهتاب منير نيربن شامل آهن. اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي حامين پاران سيشن ڪورٽ ۾ ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن جتي رات دير تائين اميدوارن جا پينافليڪس لڳايا پئي ويا جڏهن ته سالياني ڊنر لاءِ سول بار ۾ تقريب ۾ منعقد ڪئي وئي هئي جتي اليڪشن ۾ بيٺل اميدوار ميمبر وڪيلن کي ووٽن لاءِ منٿ ميڙ ڪندا رهيا. اليڪشن لاءِ پولنگ جو عمل 9 وڳي شروع ٿيندو. هڪ وڳي کان 2 وڳي تائين ماني جي وقفي دوران ووٽنگ جو عمل روڪيو ويندو جنهن بعد ٻيهر ووٽنگ جو عمل 5 وڳي تائين جاري رهندو. رات جو اليڪشن لاءِ مقرر رٽريننگ آفيسر اميدوارن جا غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا جاري ڪندو.