نئون ڳوٺ (ن پ ا) نئون ڳوٺ ۾ ميھڙ جي سينيئر صحافي آزاد انور ڪانڌڙو مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ صحافي منظور مهيسر تي ڪيس داخل ڪرڻ جي ڪوشش خلاف سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل تعلقي ميھڙ جي سڏ تي نئون ڳوٺ ۾ مظفر ڳورڙ خورشيد لاکير محمد رفيق سرگاڻي پرويز لاکير شمن ساھڙ فريد ڏھوٽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي پيادل مارچ ڪيو ويو. ناريائي چونڪ تي ڌرڻو هڻي مظاهرو ڪيو ويو. ھنن چيو ته ميھڙ ۾ صحافين کي پي ٽي آء سان لاڳاپيل ٽولو هراسان ڪري بداخلاقي ڪري رهيو آهي. صحافين کي ڌمڪين ذريعي سچ لکڻ تان روڪي نه ٿو سگھجي. ھنن صحافين خلاف ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ ۽ ملوث شرپسند ٽولي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي گھر ڪئي آهي.