اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊريپ ملڪ ۾ دوائون مهانگيون ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي جو چوڻ آهي ته حياتي بچائڻ وارين دوائن جي اگهن ۾ 14 سيڪڙو واڌ ٿي سگهي ٿي، ٻيون سموريون دوائون 20 سيڪڙو مهانگيون ٿي سگهن ٿيون، وفاقي ڪابينا جي اڪنامڪ ايڊوائيزري ڪميٽي دوائون مهانگيون ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، ڊريپ جو پاليسي بورڊ ٽن مهينن بعد دوائن جا اگهه طئه ڪرڻ بابت جائزو وٺندو.