ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جا اڪثر چونڊيل نمائندا اسيمبلي جي اجلاس مان گم، اسپيڪر ڪورم پورو نه هجڻ باوجود ڪارروائي هلائيندي غير حاضر ميمبرن جي پگهار بند ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه هڪ ڪلاڪ دير سان 3 وڳي شروع ٿيل اجلاس ۾ پ پ جا 16 ۽ مخالف ڌر جا رڳو 7 ميمبر موجود هئا، پي ٽي آءِ جا ميمبر 9 مئي واقعي کانپوءِ ايوان مان مسلسل غير حاضر آهن،  ان موقعي تي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته ميمبرن جي موڪل جي درخواست آيل ناهي، اهي  ايوان ۾ نٿا اچن، ايوان ۾ نه ايندڙ ميمبرن جي پگهار بند ڪئي وڃي، هوڏانهن سوال جوابن کانپوءِ 5 مان 3 ڌيان ڇڪايو نوٽيس وزير نه هجڻ ڪري ڊيفر ڪيا ويا، متحده ميمبرن رعنا انصار ۽ علي خورشيدي جي ڀاڙن ۾ واڌ ۽ ٽرانسپورٽ جي سهولت نه هجڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيسن تي جواب ڏيندي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ جواب چيو ته ڀاڙا گهٽائڻ لاءِ ٽرانسپورٽرن کي خط لکي ڇڏيا آهن، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻنداسين، هن چيو ته پيپلز بس سروس جي آپريٽرن سان معاهدو ٿيڻ وقت پيٽرول جو اگهه 150 رپيا في لٽر ۽ ڀاڙو 50 رپيا طئه ٿيو هو، هاڻي تيل مهانگو ٿيڻ باوجود ڀاڙي ۾ واڌ ناهي ٿي، حڪومت ٽرانسپورٽرن کي سبسڊي ڏئي پئي، هن چيو ته  گرين لائين وفاقي ۽ اورنج لائين سنڌ سرڪار جو پراجيڪٽ آهي، 3 سالن بعد گرين لائين سنڌ سرڪار حوالي ٿيندي، ڪالهه ايوان ۾ سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس بل پيش ڪيو ويو، جنهن کي اسپيڪر اسٽنيڊنگ ڪاميٽي کي موڪلي ڇڏيو، انفارميشن ٽيڪنالاجي کاتي بابت خاص معاون تنزيله ام حبيبه قمبراڻي چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ آءِ ٽي سان لاڳاپيل ڪافي اسڪيمون متعارف ڪرائينداسين، هر ضلعي ۾ واءِ فاءِ سينٽر قائم ڪرڻ وڃون پيا، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز واري وزير اسماعيل راهو  سيد عبدالرشيد پاران پوائنٽ آف آرڊر تي ڪاپي ڪلچر خلاف نقطو پيش ڪرڻ تي چيو ته سنڌ ۾ ڪاپي کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، امتحاني سينٽرن ۾ ڪاپي ڪندڙن کي پڪڙيو به آهي، جيڪڏهن ڪا شڪايت آئي ته بورڊن جي ڪنٽرولرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته پيپر آئوٽ ٿيڻ جي شڪايت تي ڪيل جاچ ۾ پتو پيو ته پيپر جو ٽائيم ختم ٿيڻ بعد انهي پرچي کي آئوٽ ٿيل ڄاڻايو ويو، بعد ۾ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر 22 مئي تائين ملتوي ڪيو ويو.