اسلام آباد (بيورو رپورٽ) کدڙا فقير پنهنجي جنس تبديل نه ڪرائي سگهندا نه وري پاڻ کي مرد يا عورت سڏرائي سگهندا، وفاقي شرعي عدالت خواجه سرائن جي حقن بابت ٽرانس جينڊر ايڪٽ خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو  عدالت ٽرانسجينڊر ايڪٽ جو سيڪشن 2 ۽ 3 اسلامي تعليم جي خلاف قرار ڏنو، وفاقي شرعي عدالت جي وقتي چيف جسٽس سيد محمد انور ۽ جسٽس خادم حسين فيصلو ٻڌايو وفاقي شرعي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته خواجه سرا پنهنجي جنس تبديل نٿا ڪرائي سگهن خواجه سرا پاڻ کي مرد يا عورت نٿا سڏرائي سگهن فيصلي ۾ چيو ويو ته مرد يا عورت پاڻ کي بائيو لاجيڪل جنس کان هٽي ڪري خواجه سرا چوي ته اهو غير شرعي هوندو، فيصلي ۾ چيو ويو ته اسلام خواجه سرائن کي سمورا انساني حق فراهم ڪري ٿو، حڪومت خواجه سرائن کي سمورا حق ڏيڻ جي پابند آهي خواجه سرا سمورن بنيادي حقن جا مستحق آهن جيڪي آئين ۾ ڏنل آهن نماز، روزو ۽ حج سميت ڪيترين ئي عبادتن جو تعلق جنس سان آهي، وفاقي شرعي عدالت فيصلي ۾ چيو ته جنس جو تعلق انسان جي بائيو لاجيڪل جنس سان هوندو آهي جنس اها ئي رهندي جيڪا پيدائش وقت هئي انسان جي جنس جو تعين ان جي احساسن سان نٿو ڪري سگهجي، خواجه سرائن جي جنس جو تعين جسماني اثرن موجب ٿيندو جنهن تي عورت جا اثر هجن اهو عورت خواجه سرا تصور ٿيندو جنهن تي مرد وارا اثر هجن اهو مرد خواجه سرا تصور ٿيندو فيصلي ۾ چيو ويو ته شريعت ڪنهن کي نامرد ٿي ڪري جنس تبديلي جي اجازت نٿي ڏئي، شرعي عدالت ٽرانس جينڊر ايڪٽ جو سيڪشن 3 ۽ 7 کي شريعت خلاف قرار ڏنو شرعي ڪورٽ ٽرانس جينڊر ايڪٽ جي سيڪشن 2 ايف کي به ڪالعدم قرار ڏنو عدالت ٽرانس جينڊر ايڪٽ تحت ٺهندڙ رولز کي به غير شرعي قرار ڏنو فيصلي ۾ چيو ويو ته غير شرعي قرار ڏنل شقن جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي سيڪشن 7 ۾ مرضي سان جنس جو تعين ڪري وارثت ۾ مرضي جو حصو وٺي سگهبو هو وارثت ۾ حصو جنس مطابق ئي ملي سگهي ٿو