لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي چيف ارگنائيزرمريم نواز تنظيمي عهديدارن سان ملاقات دوران چيو آهي ته عورتن ۽ اقليتن جي حقن جو تحفظ پهرين ترجيح آهي.  ملاقات دوران ڳالهائيندي مريم نواز وڌيڪ چيو ته عورتون معاشري جي اڌ آبادي آهن، وسيلن ۽ اختيارن ۾ به کين اڌ حصو ملڻ گھرجي. پاڪستان تحريڪ انصاف کان وٺي هر سياسي پارٽي ۾ عورتون نماان ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته عورتون، نوجوانن جي نمائندگي ۾ لاڳيتو واڌارو ڪري رهيا آهيون، اڃا وڌائينداسين. سندس چوڻ هو ته نياڻين کي پڙهائڻ اسلام جي تلقين آهي، حقن ۽ وسيلن ۾ فرق ختم ٿيڻ گھرجي.  عورتون ۽ اقليتي ماڻهو ظلم جو وڌيڪ نشانو بڻجندا آهن. مريم نواز وڌيڪ چيو ته نفرتون پکيڙيندڙ، تشتددتي ڀڙڪائيندڙ، شهيدن جي بي حرمتي ڪندڙ دشمنن جا ايجنٽ آهن. سياسي مفادن لاءِ عورتن ۽ نوجوانن جي ذهنن کي بارود خانو بڻايو ويو. عورتون معاشري ۽ نوجوانن کي سٺن قدرن ڏانهن وٺي وڃي سگهن ٿيون.