ڳڙهي ياسين: مقتولن جي وارث گل حسن اوڍو ٻڌايو ته مارجي ويل حضور بخش، پنهنجي پٽ ۽ گھر واري سان گڏ پنھنجي اباڻي ڳوٺ ڇتو اوڍو ٻئي نمبر پٽ نعيم جو مڱڻو ڪرڻ لاءِ اچي رھيو ھو ته اڳواٽ تاڙ ۾ ويٺل ھٿياربندن پوليس جي سامھون حملو ڪري پيءُ پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو، ھن چيو ته واقعي وارو ھنڌ اسان کان تقريبن پنج ڪلو ميٽر پري آھي ۽ زخمي ٿيل عورت پڻ بيھوش آھي، جنھن سبب في الحال اھو نٿا ٻڌائي سگھون ته ھٿياربند ڪيترا ھئا، ھن چيو ته اسان جا ھمراھ پوليس جي سامھون قتل ٿيا آھن، تدفين مان فارغ ٿي جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويندو.