ڳڙهي ياسين: مارجي ويل حضور بخش اوڍو ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ ڇتو اوڍو جو رھواسي ھو، جيڪو جھيڙي سبب ڪجھه عرصو اڳ ڳوٺ مان لڏ پلاڻ ڪري تاجو ديرو ويٺو ھو، ڪالهه هو پنھنجي پٽ ۽ گهرواري سان گڏ اباڻي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته گولودڙو ٿاڻي ٻاھران تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن کيس فائرنگ ڪري پٽ سميت قتل ڪري ڇڏيو.