ڳڙھي ياسين (رپورٽ: وحيد ڀٽو) ڳڙھي ياسين ۾ اوڍا خروس خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن جي فائرنگ، ٿاڻي آڏو پيءُ پٽ قتل، عورت مرڻينگ، خبر موجب ڳڙھي ياسين جي منظور خروس ۽ خير محمد اوڍو جي ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، ان ڏس ۾ هڪ ڌر جي تاڙ ۾ ويٺل ھٿياربندن گولو دڙو ٿاڻي سامهون ڳڙھي ياسين کان موٽرسائيڪل تي ڳوٺ تاجوديرو ويندڙن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ حضور بخش اوڍو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته سندس 18 ورھين جو پٽ اويس احمد ۽ سندس گھر واري مسمات نواب خاتون سخت زخمي ٿي پيا، ھٿياربند پوليس جي سامھون آساني سان فرار ٿي ويا، بعد ۾ گولودڙو ٿاڻي جي پوليس مارجي ويل جو لاش ۽ زخمين کي ڳڙھي ياسين اسپتال آندو، جتان زخمي نوجوان اويس جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري کيس لاڙڪاڻو اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. اطلاع تي اوڍا برادري جا سوين ماڻھو اسپتال پھچي ويا، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مقتول پيءُ پُٽَ جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر آندا ويا ته ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين گولودڙو ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.