ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) سنڌ گھروکاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري عثمان چاچڙ جون خدمتون واپس وٺڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ اسٽبلشمينٽ ڊويزن ۾ ٻن مهينن کان هلندڙ جنگ ۾ وفاقي سرڪار ڪامياب، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب اسٽبلشمينٽ ڊويزن پاران 20هين گريڊ جي ٻن سيڪريٽرين روشن شيخ ۽ رياض الدين جون خدمتون واپس وٺڻ کانپوءِ سنڌ ۾ مقرر ٿيل گھرو کاتي جي 21هين گريڊ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر عثمان چاچڙ جون خدمتون به واپس وٺي کيس هنگامي بنيادن تي اسٽبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرايو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه اسٽبلشمينٽ ڊويزن پاران هڪ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته گذريل ٻن مهينن کان ايڊيشنل چيف سيڪريٽري عثمان چاچڙ جون خدمتون واپس وٺڻ جي حوالي سان سنڌ حڪومت ۽ اسٽبلشمينٽ ڊويزن وچ ۾ اندروني اختلافن سان گڏ هڪٻئي ڏانهن خط پَٽ به لکيا ويا هئا. چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاھ جي هدايتن تي سروسز کاتي اسٽبلشمينٽ ڊويزن کي جوابي خط لکي عثمان چاچڙ جون خدمتون واپس وٺڻ تي اعتراض واريندي چيو هو ته عثمان چاچڙ گھرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جو عهدو سنڀالڻ سميت اين سي او سي جي فيصلن تي عملدرآمد جو ڪم ڪري پيو ، ڄاڻايل آفيسر ڪورونا جي حوالي سان جوڙيل ٽاسڪ فورس جو ميمبر به آهي، ايف اي ٽي ايف سان لاڳاپيل معاملن کي فوڪل پرسن طور ڏسي ٿو ، انهن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي ذميواري به سندس وٽ آهي. ڄاڻايل آفيسر منشيات جي خاتمي بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جو فوڪل پرسن به آهي. اهڙي خط بعد اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي اختيارين نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ڊاڪٽر عثمان چاچڙ جون خدمتون واپس وٺي پاڻ وٽ ڪرائي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان سنڌ حڪومت جي اعليٰ اختيارين جو چوڻ آهي ته عثمان چاچڙ 22هين گريڊ ۾ ترقي واري ڊوڙ ۾ شامل هجڻ سبب سندس خدمتون واپس ڏيڻيون پيون.